جھيرڻو (مانڌاڻو گاهه)

جھيرڻو (مانڌاڻو گاهه): هيءُ ٿر جو مشهور گاهه آهي، جنهن جو شاهه سائينءَ به پنهنجي بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي. جهيرڻو گاهه وڏو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ سنگ ٿيندا آهن، جيڪي جھيرڻي يا مانڌاڻيءَ جهڙا هوندا آهن. ان ڪري هن کي جهيرڻو گاهه چيو ويندو آهي. هي گاهه ٿر ۾ مال لاءِ سٺو چارو آهي. اهو گاهه ڀٽن، پاساڙن ۽ زرخيز زمين ۾ ٿيندو آهي. سڪڻ کانپوءِ به سڄو سيارو مال لاءِ چارو مهيا ڪندو آهي. هيءُ گاهه ڏٿ ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو